تحفه مدد پناهه زائرين الحج

تحفهءِ مدد پناهه زائرين الحج (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ميشرز پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور طرفان، لاهور جي حميديه پريس ۾، پريس جي مئنيجر مولوي محمد ثناءُ الله جي اهتمام سان ڇپايو ويو هو. هن ڪتاب جو هڪ نسخو سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي لائبرريءَ جي اوريئنٽل حصي ۾ موجود آهي. ڪتاب جو مؤلف حاجي مير سيد پناه علي شاهه ولد سيد مير همت علي شاهه، پوليس کاتي ۾ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جي عهدي تي فائز هو. پاڻ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءِ عازمين حج جي رهبريءَ جي لاءِ هيءُ ڪتاب سال 1329هه/ 1911ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب ۾ حج جي شرعي حڪمن ۽ عرب جي سفر جو حال، بسط ۽ تفصيل سان درج ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هن ڪتاب کي مطالعي جي آسانيءَ لاءِ ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين حصي ۾ حج سان واسطو رکندڙ فقهي حڪم آندل آهن ۽ ٻئي حصي ۾ حج جي سفر بابت عام معلومات آهي. هن ڪتاب ۾ حج جا سڀ مسئلا نثر ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي حج تي لکيل ٻين ڪتابن خصوصاً ’حيات العاشقين‘ ۾ منظوم سنڌيءَ ۾ ڏنل آهن. جيتوڻيڪ هن ڪتاب کي لکئي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي، تڏهن به ”حج رهبر“ جي حيثيت ۾ حج جي سفر ڪندڙن خواه حج جي مسئلن جي سکيا لاءِ ان جي افاديت ساڳي آهي. ان وقت جي حج جي سفر سان واسطو رکندڙ عام معلومات هن وقت تاريخي مواد جي اختيار ڪري ورتي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو